جوڻيجو عبدالغفور عابد

جوڻيجو، عبدالغفور ’عابد‘: شاعر، اديب عبدالغفور ’عابد‘ جوڻيجو ولــد مـولـوي عـبـدالله جوڻيجو، 25 نـومبـر 1942ع تـي ڳــوٺ مـيــر حـســن نظاماڻي تـعـلقـي بدين ۾ پيدا ٿيو. تعليم ايم. اي اٿس، سندس ڪتابن ۾: (1) درد جـو دريـاهه (شـاعـري)، (2) سرن سريکا سپنا (3) اسان جا شعر ئي سادا (شاعري)، (4) تو در آيس (شاعري) شامل آهن، جنهن جو تعارف ڊاڪـٽـر تنوير عباسيءَ جو لکيل آهي. هن حيدرآباد ۾ پريس به قائم ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو